Two national ideologies
جنگ آزادي 1857ء جي 10 سالن بعد سر سيد احمد خان هندي اردو جھڳڙي ج باعث 1867ء ۾ جيڪو نظريو پيش ڪيو۔ اهو ئي ٻه قومي نظريه جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو۔ 1867ء بنارس جي هندن هڪ لساني تحريڪ شروع ڪئي۔ جنهن جو مقصد هندي کي اردو جي جاء تي سرڪاري ۽ عدالتي زبان طور رائج ڪرڻ هو۔ ۽ عربي رسم الخط جي جاء تي ديوناگري رسم الخط کي اپنائڻ هو۔ ان لساني تحريڪ جو صدر دفتر اله آباد ۾ قائم ڪيو ويو۔ جڏهن ته پوري ملڪ ۾ هندن ڪيتريون ورڪنگ ڪاميٽيون تشڪيل ڏنيون۔ ته جئين پوري هندستان جي هندن کي ان تحريڪ ۾ شامل ڪري اهو مقصد حاصل ڪري سگھجي۔
مسلمان رهنمائن هندن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اردو انڊو اسلامڪ آرٽ جو هڪ لازمي جز بڻجي وئي آهي۔ ان ثقافتي ورثي جي انمول هيري کي ڏکڻ ايشيا مان ڪڍي نه ٿو سگھجي۔ پر هندن تي انهن دليلن جو اثر نه ٿيو۔ سر سيد احمد خان به انهن ڏينهن ۾ بنارس ۾ هو۔ ان جون مصالحتي ڪوششيون به ناڪام ٿيون۔ هندي ۽ اردو جي تنازع جو نتيجو هندو مسلم فساد جي صورت ۾ نڪتو۔ ثقافتن جي ان ٽڪراء سر سيد جي خيالن ۾ تبديلي آندي۔ سر سيد احمد ان هندي اردو جھڳڙي کان اڳ هندو مسلم اتحاد وڏو علمبردار ۽ متحده قوميت جو حامي هو۔ ليڪن ان جھڳڙي جي باعث ان جو نظريو هڪدم تبديل ٿي ويو۔ هندو مسلم اتحاد بجاء هاڻي هوء انگريز مسلم اتحاد جو داعي بڻجي ويو۔ متحده قوميت بجاء هنستان ۾ مسلمانن جي جداگانه تشخص جو عظيم پيامبر بڻجي اڀريو۔ ان نظريه جي حامي رهنمائن 1906ء ۾ نه صرف شمله وفد کي منظم ڪيو بلڪه آل انڊيا مسلم ليگ جي نالي سان هندستان جي مسلمانن لاء هڪ الڳ سياسي جماعت قائم ڪئي۔
1906ء کان 1947ء تائين آل انڊيا مسلم ليگ جي سياست جو مرڪز ٻه قومي نظريو رهيو۔ ان ضمن ۾ آل انڊيا ڪانگريس۔ هندو مها سڀا ۽ ٻين هندو تنظيمن جي رهنمائن جي ڪوششن۔ حربن ۽ چالن کي ناڪام بڻايو۔
علامه اقبال 1930ء ۾ اله آباد ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي 21 سالانه اجلاس جي صدارت ڪندي ٻه قومي نظريي جي وضاحت ڪئي۔ ان نظريي جي بنياد تي ان هندستان جي مسلمانن لاء هڪ الڳ ملڪ جي قيام جي پيشنگوئي ڪئي۔ ٻي گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دوران ان جناح سان ڪافي ملاقاتون ڪيون۔ جن جو مقصد ٻه قومي نظريي جي بنياد تي هندستان جي مسلمانن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ هو۔ 1936ء کان 1938ء تائين علامه اقبال جناح کي خط پڻ لکيا۔ محمد علي جناح آل انڊيا ڪانگريس جي تاحيات صدر بڻجڻ جي پيشڪش کي مسترد ڪيو۔ علماء ديوبند ۽ مسلم نيشنلسٽ جي رهمائڻ جي مخالفت جي باوجود پاڪستان جو ڪيس ٻه قومي نظريه جي بنياد تي لڙيو۔ انهي بنياد تي آل انڊيا مسلم ليگ کي هندستان جي اتر اوڀر ۽ اتر اولھ م آباد مسلمانن جي واحد نمائنده ۽ سياسي جماعت مڃرايو۔ انهيء نظريه کي مشعل راه بڻائي هندستان جا مسلمان بلآخر 1947ء ۾ پنهنجي منزل مقصود تي پهتا۔
0 Comments