| Indian War of Independence |
جنگ آزادي 10 مئي 1857ء کان 1 نومبر 1858ء تائين هندستان ۾ وڙهي وئي۔ جيڪا 1 سال 5 مهينا 22 ڏينهن هلي۔ نتيجو اهو نڪتو هندستاني فوج کي ڪچليو ويو۔ ۽ آگست 1858ء ۾ برطانوي پارليمنٽ ملڪه وڪٽوريه جي اعلان ذريعي هندستان کي تاج برطانيه جي حوالي ڪري ايسٽ انڊيا ڪمپني کي ختم ڪري برطانوي سلطنت ۾ شامل ڪيو۔ ۽ مغل سلطنت جو خاتمو ٿي ويو۔ برطانوي راڄ ڪجھ علائقا پنهنجن باشندن کي ڏنا۔ ۽ زياده تر علائقا تاج برطانيا ۾ شامل ڪيا۔
• نوابي رياستون
اجي ڳڙه۔ الور۔ ڀرتپور۔ ڀوپال۔ بيجاوار۔ بيڪانير۔ بندي۔ حيدرآباد۔ جي پور۔ جاورا۔ ڪپور ٿله۔ ڪشمير۔ ميواڙ۔ ڪيندوجھر۔ نڀا۔ پٽياله۔ رامپور رياست۔ ادي پور۔ گوالير ڌڙي۔ برجيس قدر۔ نواب اوڌ۔ جھانسي راڻي لڪشمي ٻائي جي آزاد رياست هئي۔
• ڪمانڊر ۽ رهنما
سلطنت مغليه بهادر شاه ظفر۔ نانا صاحب۔ بخت خان۔ جھانسي جي راڻي۔ تانتيا توپي۔ بيگم حضرت محل۔ مملڪت متحده جارج انسن (مئي 1857ء تائين)
مملڪت متحده سر پيٽرڪ گرانٽ
مملڪت متحده سر ڪولن ڪيمبل (آگست 1857ء کان)
• اسباب
هندستانين جي انگريزن خلاف پهرين مسلح جنگ آزادي۔ جنهن کي انگريزن غدر جو نالو ڏنو۔ هن جنگ جا عمومن ٻه سبب بيان ڪيا وڃن ٿا۔ پهريون ايسٽ انڊيا ڪمپني هندستان جا سڀئي صوبا ۽ ڪيئي رياستون هڪٻي پٺيان پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪيون۔ جنهنڪري هندستانين جي دل ۾ ڪمپني متعلق شڪ پيدا ٿيا۔ ٻيون انهن ڏينهن ۾ جيڪي ڪارتوس فوجين کي ڏنا ويا۔ انهن بابت چيو ويو ته۔ انهن ۾ خنزير جي چرٻي ۽ ڳئون جو پيشاب سان آلوده آهن۔ اهي بندوقن ۾ وجھڻ کان اڳ نندن سان ڪٽڻو پوندو هو۔ هندو ۽ مسلمان فوجي سپاهين انکي پنهنجي مذهب جي خلاف سمجھيو۔ ۽ انهن ۾ بي چيني پيدا ٿي۔ جن سپاهين ڪارتوسن کي استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪيو۔ انهن جون فوجي ورديون لاهي انهن کي ٻيڙيون پارايون ويون۔ جنگ آزادي هند جي شروعات 1857ء ۾ بنگال ۾ مڊم ۽ بارڪ پور جي مقامن تان ٿي۔ جتي ديسي سپاهين اهي ڪارتوس استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪيو۔
انگريز حڪومت انهن کي غير مسلح ڪري ملازمت تان هٽائي ڇڏيو۔ لکنئو ۾ اهڙو واقعو پيش آيو۔
9 مئي 1857ء تي ميرٺ ۾ هڪ ريجمنٽ جي سپاهين کي 10 سال سزا ڏني وئي۔ ديسي سپاهين انگريز آفيسرن کي ماري انهن قيدين کي آزاد ڪيو ۽ ميرٺ کان دهلي طرف آيا۔ ميرٺ جي سپاهين جي دهلي اچڻ سان دهلي جي فوج به بگڙي وئي۔ باغي سپاهين بهادر شاه ظفر جي بادشاهت جو اعلان ڪيو۔ ان اعلان بعد بغاوت جي باه پري پري تائين ڦهلجي وئي۔
جنگ آزادي جو نعرو انگريزن کي هندستان مان ڪڍو هو۔ انڪري اهي سڀئي عنصر جنگ ۾ شامل ٿي ويا۔ جن کي انگريزن نقصان پهچايو هو۔ ان بعد باغي سپاهين دهلي ۾ ڦرلٽ ڪئي۔ جنهن ڪري اهي عوامي همدرديون وڃائي ويٺا۔ ۽ 1857ء جي جنگ آزادي ناڪام ٿي وئي۔
• جهاد جي فتويٰ
علامه فضل خير آبادي۔ مفتي صدرالدين خان آزرده۔ سيد ڪفايت علي ڪافي ۽ ٻين مسلمان عالمن دهلي جي جامع مسجد مان هڪ ئي وقت انگريزن جي خلاف جهاد جي فتويٰ جاري ڪئي۔ جنهن جي نتيجي ۾ مسلمانن پنهنجو مذهبي فرض سمجھي جنگ لڙي۔
• بهادر شاه ظفر رنگون ۾
جنرل نڪلس انگريز فوجين سان گڏ تقريبن چئن مهينن تائين دهلي جو محاصرو جاري رکيو۔ 14 سيپٽمبر تي ڪشميري دروازو ٽوڙيو ويو۔ جنرل نڪلس ان لڙائي ۾ مارجي ويو۔ پر انگريز ۽ سک فوجين دهلي تي قبضو ڪري ورتو۔ بهادر شاه ظفر کي گرفتار ڪري رنگون موڪليو ويو۔ انجي ٻن پٽن ۽ هڪ پوٽي کي گوليون هڻي ماريو ويو۔ دهلي تي انگريزن جو قبضو ٿيڻ بعد جنگ آزادي جي رفتار سست ٿي وئي۔ مارچ 1858ء م لکنئو تي ٻيهر انگريزن جو قبضو ٿي ويو۔ اهڙي طرح دهلي۔ لکنئو۔ ڪانپور۔ جھانسي کان علاوه ڪافي مقام انگريزن جي قبضي ۾ اچي ويا۔ دهلي جي فتح بعد انگريز فوجين شهري آبادي کان خوفناڪ انتقام ورتو۔ ماڻهن کي سرعام قتل ڪيو ويو۔ سوين ڦاهي چاڙهيا ويا۔ هزارين گولين جو کاڄ بڻيا۔ انهن ۾ مجرم به هئا ۽ بي گناه به۔ مسلمان به هئا ۽ هندو ڀي۔ پر جلد ئي هندن انگريزن سان مفاهمت ڪئي۔ ان بعد قتل و غارت جو رخ مسلمانن ڏي موڙيو ويو۔ ۽ مسلمان ڳولي ڳولي قتل ڪيا ويا۔ انهن جون جائدادون ضبط ڪيون ويون۔ انهن تي علم جا دروازا بند ڪيا ويا۔ ان صورت حال ۾ سر سيد احمد خان جهڙا ماڻهون اڳتي آيا۔ جن جنگ آزادي تي ڳالهائيندي انگريزن تي زور ڀريو ته اهي هندستان ۾ موجود احساس محرومي ختم ڪرڻ بنا حڪومت نه ٿا ڪري سگھن ٿا۔ سر سيد احمد خان مسلمانن ۾ تعليمي انقلاب آڻڻ لاء ڪاليج ۽ يونيورسٽيون قائم ڪيون۔ ان جنگ آزادي ۾ هندو ۽ مسلمان گڏجي هندستان لاء لڙيا۔ پر ان بعد انگريزن جي سازش ۽ ڪجھ هندن جي رويي جي سبب ڪري مسلمان ۽ هندو الڳ الڳ قومن جي صورت ۾ تقسيم ٿي ويا۔ ۽ پهريون دفعو ٻه قومي نظريه جو بنياد پيو۔
0 Comments