Corps Mission 1940

Corps Mission
Corps Mission

Corps Mission 

 عالمي سطح تي ٻي جنگ عظيم جا ڪيئي نتيجا نڪتا۔ برصغير پاڪ و هند ۾ به وڏي پيماني تي سياسي تبديليون رونما ٿيون۔ جنگ جي آغاز ۾ جڏهن انگريزن جرمني جي خلاف اعلان جنگ ڪيو ۽ هندستان کي به ان ۾ ملوث ڪيو ته نتيجي ۾ ڪانگريس وزارتن تان استعفيٰ ڏني۔ ڊسمبر 1940ء ۾ جاپان جرمني جي طرفان جنگ ۾ شامل ٿيو ته جنگ جو نقشو تبديل ٿي ويو۔ جاپان جي هڪٻي پٺيان حملن ۽ ڪاميابين سان ڏکڻ اوڀر ايشيا جاپانين جي قبضي ۾ اچي ويو۔ انجي هڪ مهيني بعد رنگون تي به جاپانين قبضو ڪيو۔ هاڻي اهي هندستان جي سرحدن پهچڻ وارا هئا۔ جاپانين جي ڪاميابين هند ۾ انگريزن کي سوڙهو ڪيو ته انهن جي سلطنت جون بنيادون لڏڻ لڳيون۔ ڇو ته هڪ طرف انهن جو جاپان سان مقابلو هو ته ٻي طرف هندستان جا اندروني حالات به انهن لاء سازگار نه هئا۔ ڪانگريس احتجاجن وزارتن تان مستعفي ٿي وئي۔ مسلم ليگ قرارداد لاهور ذريعي پنهنجي لاء الڳ ملڪ جو مطالبو ڪيو۔ جاپانين کي روڪڻ لاء انگريزن کي هندستانين جي تعاون جي ضرورت هئي۔ ان سبب ڪري حڪومت برطانيا پنهنجي رويه ۾ نرمي ۽ لچڪ آندي۔ حالتن جي پيش نظر برطانوي وزيراعظم چرچل مارچ 1942ء ۾ سر اسٽيفرڊ ڪرپس کي هڪ اهم مشن تي هندستان موڪليو۔ جنهن کي ڪرپس مشن چيو وڃي ٿو۔ ڪرپس جيڪي منصوبا پيش ڪيا۔ انهن جا اهم نڪتا هي آهن۔

• جنگ ختم ٿيڻ بعد هڪ منتخب ڪاميٽي کي هندستان جي لاء نئون آئين ٺاهڻ ذمه داري ڏني ويندي۔
• نئين آئين مطابق ڪوئي به صوبو يا صوبا اگر چاهن ته هندستان يونين کان الڳ ٿي سگھن ٿا۔ ۽ پنهنجي لاء الڳ حڪومت جو قيام عمل ۾ آڻي سگھن ٿا۔
• دوران جنگ موجوده آئين ۾ ڪا وڏي تبديلي نه آندي ويندي۔ ۽ هندستان جو دفاع انگريزن جي ذمه هوندو۔
رد عمل
ڪانگريس ڪرپس مشن کي مسترد ڪيو ۽ فوري طور ملڪ ۾ ڪانگريس جي خود مختيار حڪومت تشڪيل ڏيڻ جو مطالبو ڪيو۔
مسلم ليگ ڪرپس مشن کي ان بنياد تي مسترد ڪيو ته هن ۾ مسلمانن لاء الڳ ملڪ جي قيام جي ڪائي ٺوس ضمانت نه ڏني وئي آهي۔
ڪرس مشن جي ناڪامي بعد ڪانگريس هندستان ڇوڙ دو جو نعرو بلند ڪيو۔ ۽ ان سان گڏ سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪرڻ پيغام ڏنو۔ جنهن تي برطانوي حڪومت ڪاوڙ مان ڪانگريسي اڳواڻن کي قيد ڪيو۔ ۽ پوري برصغير ۾ تشدد جي واقعن جي شروعات ٿي وئي۔ مسلم ليگ ان تحريڪ ۾ حصو نه ورتو۔ اهو ئي وقت هو جڏهن آل انڊيا مسلم ليگ جناح جي قيادت ۾ پنهنجي سياست جي فيصلا ڪن مرحلي ۾ داخل ٿي۔ مسلم ليگ ۽ انگريزن جي درميان مفاهمت پيدا ٿي۔ جنهن جي نتيجي ۾ انگريزن جي سوچ ۾ هندستان جي مسلمانن لاء مثبت تبديلي آئي۔

Post a Comment

0 Comments