قديم هندستان
گپتا سلطنت
گوتم ٻڌ جي زماني جي خاتمي بعد مگڌ مياس خاندان جي حڪومت قائم ٿي۔ جيڪا چندر گپت موريا جي نالي سان مشهور آهي۔ 300 کان 600 ق۔م تائين تقريبن 3سؤ سال انهن جو دؤر رهيو۔ پر اڪثر روايتن انهن جو دؤر 240ء کان 590ء ٻڌايو ويو۔ گپتا سلطنت جو دارالخلافه پالي پتر۔ زبان سنسڪرت ۽ پراڪرت هئي۔ مذهب هندو مت۔ ٻڌ مت ۽ جين مت هو۔ ان برصغيرپاڪ ۽ هند جي بيشتر حصن کي فتح ڪيو۔ هن دؤر کي هندستان جو سونهري دؤر چيو وڃي ٿو۔ گپتا سلطنت جو بنياد سري گپتا رکيو۔ هن سلطنت جا مشهور حڪمران چندر گپتا اول۔ سمورا گپت ۽ چندر گپت دوئم هئا۔ هنن تقريبن 21 بادشاهتن کي فتح ڪيو هو۔ جن ۾ پاراسيڪاس۔ هناس۔ ڪمبوجس۔ اولھ ۽ اوڀر آڪسس ويلين ۾ واقع قبائل ۽ ڪنارس وغيره شامل آهن۔ ان دؤر ۾ فن تعمير۔ مجسمه سازي ۽ مصوري جنم ورتو۔ ۽ سائنس۔ ٽيڪنالوجي۔ انجينئرنگ۔ آرٽ۔ ادب۔ منطق۔ رياضي۔ فلڪيات۔ مذهب ۽ فلسفي ۾ وسيع ڪاميابيون حاصل ڪيون۔ جنهن ۾ عام طور هندو ثقافت جو نالو روشن ٿيو۔ چندر گپتا (اول)
سمدر گپت۔ ۽ چندر گپت (دوئم) گپتا خاندان جا سڀ کان قابل ذڪر حڪمران هئا۔
سمدر گپت 326ء کان 375ء تائين وڏو طاقتور راجا هو۔ جنهن وڏي فوج هئي ۽ هن سڄي وچ هند ۽ دڪن کي فتح ڪيو۔ اله آباد جي لاٺ تي جيڪو اشوڪ جو ڪتبو آهي۔ انجي هيٺيان هن جو ڪتبو به موجود آهي۔ سمدر گپت پوري اتر هندستان جو راجا هو۔ ۽ دڪن جا راجا هن کي پنهنجو مهاراجا مڃمندا هئا۔ گپت خاندان جي راجائن سٿين جو مقابلو ڪيو ۽ انهن کي گنگا وادي ۾ اچڻ نه ڏنو۔
چندرگپت دوئم 375ء کان 413ء تائين۔ اهو سمدر گپت کان وڌيڪ طاقتور رهيو۔ جنهن جو لقب بڪرماجيت هو۔ جنهن جي معنيٰ سج جي طاقت وارو۔ هندو مصنفن جي ڪتابن ۾ راجا پايا جي نالي سان مشهور آهي۔ هن فوج وٺي اتر اولھ طرف دريا سنڌ جي وادي پنجاب۔ سنڌ۔ گجرات ۽ مالوي کي فتح ڪيو۔
انهن ثقافتي مقام عمده فن تعميرات۔ مجسما ۽ پينٽنگون آهن۔ گپتا دؤر ڪاليڊاسا۔ آريا ڀٽا۔ ورها مهيرا۔ وشنو شرما ۽ واٽسيا انا جهڙا اسڪالر پيدا ڪيا۔ سائنس ۽ سياسي انتظاميه گپتا دؤر ۾ بلندي تي پهتا۔ مضبوط تجارتي تعلقاتن هن خطي کي هڪ اهم ثقافتي مرڪز سان گڏ هڪ اڏي طور قائم ڪيو۔ جنهن برما۔ سري لنڪا۔ انڊونيشي جزيري پيلاگو ۽ انڊوچائنا ۾ قريبي رياستن ۽ خطن کي متاثر ڪيو۔ مضبوط تجارتي تعلقاتن هن خطي کي هڪ اهم ثقافتي مرڪز سان گڏ هڪ اڏي طور قائم ڪيو۔ جنهن برما۔ سري لنڪا۔ انڊونيشي جزيري پيلاگو ۽ انڊوچائنا ۾ قريبي رياستن ۽ خطن کي متاثر ڪيو۔ گپتا خاندان جي تباهي منگول قومن جي هٿان ٿي۔ جيڪي پاڻ کي هَن سڏرائيندا هئا۔ گپتا سلطنت جي خاتمي بعد هندستان تي متعدد علاقائي سلطنتون قائم ٿيون۔
* هن لوڪ
هن 450ء کان 528ء تائين گپتا خاندان جي تباهي ان منگول قومن جي هٿان ٿي۔ جيڪي پاڻ کي هَن سڏرايو۔ يا اهي سفيد رنگت ڪري سفيد هَن سڏايا ويا۔ انهن جي هڪ شاخ ايران ۾ رهي پئي۔ هڪ گروه ترڪي هليو ويو ۽ هڪ شاخ يورپ وڃي آباد ٿي۔ 450ء جي قريب اهي پنجاب ۾ اچي آباد ٿيا۔ اتان کان اهي جمنا جي تلهٽي ۾ وڃي آباد ٿيا۔ ۽ ان وقت جي راجا گپت تي غالب آيا۔ انهن جي سردار جو نالو تورمان هو۔ 500ء جي قريب پنهنجي پاڻ کي مالوي جو راجا بڻايو ۽ مهاراجا سڏرايو۔ ان بعد انجو پٽ مهر گل گادي تي ويٺو۔ اهو وڏو ظالم حڪمران هو۔ ان بيشمار ماڻهون مارايا۔ انجو ظلم ۽ ستم جڏهن حد کان وڌي ويو ته هندستان جي راجائن مهر گل جي خلاف اتحاد ٺاهيو۔ آخرڪار مگڌ جي راجا بالا دتيه وچ هند جي هڪ راجا يسوڌرمن جي مدد سان وڏي فوج وٺي انجي مقابلو ڪرڻ آيو۔ ۽ 528ء ۾ ملتان جي قريب ڪهروڙ جي مقام تي شڪست ڏني۔ مهر گل ڪشمير هليو ويو۔ جتي ڪشمير جي راجا انکي پناه ڏني۔ هن لوڪ هند ۾ سؤ سال جي قريب رهيا۔ روايتن مطابق اهي قبيلا ڌنار۔ هارپو ۽ ڳئون پالڻ لڳا۔ جنهن ڪري انهن کي "گاؤچر" چيو ويو۔ چون ٿا اهو گاؤچر اڳتي هلي گجر بڻيو۔


0 Comments