Ancient India Part 1 • Name on India

  قديم هندستان حصو 1

• هندستان تي نالو

Ancient India Part 1
Ancient India Part 1
• Name on India

هندستان کي انڊيا۔ جمبُو۔ دويپ ۽ ڀارت به چيو وڃي ٿو۔هندستان فارسي لفظ هندو کان ورتل آهي۔ جيڪو اصل ۾ سنسڪرتي لفظ سنڌو هو۔ فارسين 850-600 ق۔م ۾ ان جي س کي ھ ۾ تبديل ڪيو۔ تقسيم هند بعد هي تاريخي نالو جمهوريه هند تي پئجي ويو۔
رگ ويد سپت سنڌو (ست دريائن جي سرزمين) اوستا ۾ هپت هندو بڻجي ويو۔ چون ٿا اهو "پندرهون ڊومين" آهي۔ جنهنکي اهورا مزدا بڻايو۔ 515 ق۔م ۾ دارا اول وادي سنڌ کي شامل ڪيو۔ جنهن کي فارسي ۾ هندو چيو وڃي ٿو۔ خشيارشا اول جي زماني ۾ "هندو" جي اصطلاح سنڌ جون اوڀاريون زمينون هئي۔ تقريبن پهرين صدي عيسوي ۾۔ ستان جو اضافو ڪيو ويو۔ جنهنجو مطلب خطو آهي۔
تقسيم هند
آل انڊيا مسلم ليگ 1940ء جي قرارداد لاهور (قرارداد پاڪستان) ۾ برطانوي هند کان اتر اولھ ۽ اتر اوڀر ۾ مسلم اڪثرتي علائقن جي خود مختياري جو مطالبو ڪيو۔ جنهنکي پاڪستان چوڻ لڳا۔ باقي هندستان کي هندستان چوڻ لڳا۔ برطانوي حڪمرانن به ان اصطلاح کي پسند ڪندي سرڪاري طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو۔ پر هندستاني ليڊرن کي اهو نالو پسند نه آيو۔ انهن جو اصرار هو نئي ڊومينين آف انڊيا کي هندستان نه پر انڊيا چيو وڃي۔ ٿي سگھي ٿو انڪري هندستان نالي کي هندستان جي دستور ساز اسيمبلي جي سرڪاري منظوري نه ملي۔ ۽ ڀارت نالي کي سرڪاري طور اپنايو ويو۔ پر اهو تسليم ڪيو ويو ته غير سرڪاري طور هندستان نالو استعمال ٿيندو رهندو۔
علم جينيات ماهرن مطابق برصغير جي سرزمين تي 73 هزار سال اڳ کان 55 هزار سال جي وچين عرصي ۾ انسانن جي اچڻ جا ثبوت ملن ٿا۔ پر اثرياتي نقطي نظر سان ڏکڻ ايشيا ۾ انساني وجود جا پهريان آثار 30 هزار سال پراڻا آهن۔ ۽ خوراڪ حاصل ڪرڻ لاء ڪاشتڪاري وغيره جو آغاز 7 هزار ق۔م جي آس پاس ۾ ٿيو۔ جنهن جو ثبوت مهر ڳڙه جي مقام تان مليل جَوَ ۽ ڪڻڪ جي پيداوار جا آثار آهن۔ ان بعد فورن رڍن۔ ٻڪرين۔ ڳائي مال وغيره جي پالڻ جو رجحان پيدا ٿيو۔ 45 سؤ ق۔م تائين انساني زندگي مختلف شعبن ۾ ڦهلجي وادي سنڌ جي تهذيب جي صورت ۾ دنيا جي نقشي تي اڀري آئي۔ جنهن جو شمار عهد قديم جي پهرين تهذيبن ۾ ٿئي ٿو۔ مؤرخن مطابق اها تهذيب قديم مصر ۽ ميسوپوٽيميا جي تهذيبن جي همعصر هئي۔ وادي سنڌ جي تهذيب 2500 ق۔م کان 1900 ق۔م تائين برصغير جي هن خطي ۾ ڦهلجندي رهي۔ جيڪو اڄ پاڪستان ۽ اتر اولھ هندستان ۾ واقع آهي۔ هن تهذيب جي شهري منصوبه بندي۔ پڪن گھرن۔ پاڻي جي نڪاسي ۽ رسائي جي پختي انتظام ڪري قابل تعريف آهي۔ ان بعد ق۔م جي ٻه هزاريا جي منڍ ۾ مسلسل خشڪ سالي ۽ ڏڪار وادي سنڌ جي آبادي کي منتشر ڪرڻ جو سبب بڻيو۔ انهي ئي دؤر ۾ هند۔ آريائي قبيلا وچ ايشيا مان نڪري پنجاب جي خطي ۾ داخل ٿيا۔ هتان کان ويدڪ جو دؤر شروع ٿئي ٿو۔ جنهن ۾ ديوي ديوتائن لاء حمديو نظمون لکيون ويون۔ قبيلن ۾ وَرَن جو نظام رائج ٿيو۔ جيڪو اڳتي هلي ذات پات جي شڪل اختيار ڪري ويو۔ ان نظام تحت هندستاني معاشرو پنڊتن ۽ سردارن ۾ تقسيم ٿي ويو۔ اونچ نيچ جي تصور جنم ورتو۔ جنهن بعد مقامي آبادي پيشي جي نالن سان سڏجڻ لڳي۔
ويدڪ متنن جي تدوين تقريبن 600 ق۔م تائين انجام تي پهتي ۽ ان سان گڏ هڪ نئي علاقائي ثقافت جو ظهور ٿيو۔ ننڍا ننڍا سردار (يا جن پد) پاڻ ۾ ملي وڏين رياستن (يا مهي جن پد) جي شڪل اختيار ڪرڻ لڳيون۔ خاتمي بعد وادي سنڌ جي تهذيب جو ٻيهر آغاز ٿيو۔ ٻي طرف انهي دؤر ۾ متعدد مذهبي تحريڪن جنم ورتو۔ جن ۾ جين مت ۽ ٻڌ مت قابل ذڪر آهن۔ جن برهميت ۽ ويدڪ رسمن جي مخالفت ڪئي۔ جنهن سان معاشري ۾ مذهبي تصور پروان چڙهڻ لڳا۔ انڪري برهميت برصغير ۾ پهريان کان موجود ثقافتن ۽ تهذيبن کي پاڻ ۾ ملائي هڪ آميزه تيار ڪيو۔ جنهن اڳتي هلي هندو مت سڏرايو۔
4 ۽ 3 صدي ق۔م دوران برصغير هند جي بيشتر حصن کي موريا سلطنت فتح ڪيو۔ 3 صدي ق۔م کان اتر هند ۾ پراڪرت ۽ پالي ادب۔ ڏکڻ هند ۾ تمل ۽ سنگم ادب شروع ٿيو۔ ڪلاسيڪي عهد ۾ اڳئين 15 سؤ سالن تائين هند جي مختلف خطن تي مختلف بادشاهن جو تسلط رهيو۔ جن ۾ گپتا سلطنت جو عهد ممتاز آهي۔ انهي دؤر ۾ هندستاني تهذيب جي مختلف پهلوئن کان ايشيا جو وڏو خطو متعارف ٿيو۔
 

Post a Comment

0 Comments