Hostory of East Pakistan Bangladesh
تاريخ بنگلاديش
بنگلاديش 1947ء کان 1971ء تائين اسلامي جمهوري پاڪستان جو حصو رهيو۔ ان 26 مارچ 1971ء تي پاڪستان کان آزادي حاصل ڪئي۔ 16 ڊسمبر 1971ء ۾ ملڪ طور تسليم ڪيو ويو۔ 4 نومبر 1972ء تي بنگلاديش آئين ٺاهيو۔ انجي ڪرنسي جو نالو ٽڪا آهي۔ بنگلاديش جو دارالحڪومت ڍاڪا آهي۔ جنهن جو مطلب بنگال جو ملڪ۔ بنگلاديش جون سرحدون ڏکڻ ۾ خليج بنگال سان ۽ هڪ مختصر سرحد ميانمار سان ملي ٿي۔ انکان علاوه باقي ٽن طرفن کان ڀارت سان مليل آهن۔
بنگلاديش جون سرحدون 1947ء ۾ تقسيم هند وقت وجود ۾ آيون۔ جڏهن هي پاڪستان جي اوڀارين حصي طور برطانيا کان آزاد ٿيو۔ پاڪستان جي ٻنهي حصن اوڀر ۽ اولھ جي وچ ۾ 1600 ڪلوميٽر (هڪ هزار ميل) جو فاصلو حايل هو۔ 1971ء ۾ هڪ خوني جنگ بعد شيخ مجيب الرحمان جي اڳواڻي بنگلاديش جي قيام جو سبب بڻي۔ بنگلاديش آبادي جي لحاظ کان دنيا جو ستون وڏو ملڪ ۽ ايراضي جي لحاض کان دنيا جو 94 ملڪ آهي۔ هي دريا گنگا ۽ بهمپتر جي زرخيز ڊيلٽائن تي واقع آهي۔ بنگلاديش ڏکڻ ايشيائي علاقائي تعاون تنظيم (سارڪ) BIMSTEC جو باني۔ اسلامي ڪانفرنس جي تنظيم (او آئي سي) ۽ ترقي پزير 8 (ڊي -8) جو رڪن آهي۔
زبان
1971ء تائين بنگلاديش پاڪستان جو حصو هو ۽ ان جي سڃاڻ اوڀر پاڪستان طور هئي ته انجي سرڪاري زبان اردو هئي۔ 1971ء بعد جڏهن بنگلاديش پاڪستان کان الڳ ٿيو ته انجي سرڪاري زبان بنگله يا بنگالي ٿي وئي۔ ۽ هاڻي انجي سرڪاري زبان بنگله يا بنگالي آهي۔
جنگ آزادي
بنگلاديش جي جنگ آزادي جنهن کي بنگال ۾ مڪتي جڌو ۽ پاڪستان ۾ سقوط ڍاڪا يا سقوط اوڀر پاڪستان چيو وڃي ٿو۔ پاڪستان جي اوڀر ۽ اولھ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٿيڻ واري جنگ جي نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان آزاد ٿي بنگلاديش جي صورت ۾ دنيا جي نقشي تي اڀري آيو۔
سرد جنگ 26 مارچ 1971ء کان حريت پسندن جي خلاف پاڪ فوج جي عسڪري آپريشن سان ٿي۔ جنهن جي نتيجي ۾ فوج ۽ وفاق پاڪستان جي وفادار عنصرن جو قتل عام ڪيو ويو۔ مارچ کان وٺي سقوط ڍاڪا تائين جي سموري عرصي ۾ ڀارت ڀرپور انداز سان مڪتي باهني ۽ ٻين گروپن جي مالي ۽ سفارتي مدد ڪندو رهيو۔ آخرڪار ڀارت اوڀر پاڪستان جي حدن ۾ داخل ٿي 16 ڊسمبر 1971ء تي ڍاڪا ۾ پاڪستاني فوج کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ڪيو۔ اوڀر پاڪستان جا اڳواڻ محمد عطاء الغني ۽ جگجيت سنگھ اروڙا هئا۔ ۽ اولھ پاڪستان جا جنرل امير عبداللّٰه نيازي ۽ ميجر جنرل راؤ فرمان علي هئا۔
0 Comments