History of Bhutan Sindhi Language
تاريخ ڀوٽان
ڀوٽان (گھنگڪر ببويسم) ڏکڻ ايشيا جو هڪ ننڍو ۽ اهم ملڪ آهي۔ جيڪو چين ۽ ڀارت جي وچ ۾ واقع آهي۔ هي بنيادي طور تي پهاڙي علائقي تي مشتمل آهي۔ رڳو ڏاکڻي حصي ۾ ٿوري هموار زمين آهي۔ ثقافتي ۽ مذهبي طور تبت سان منسلڪ آهي۔
پر جغرافيائي ۽ سياسي طور ڀارت جي ويجھو آهي۔ ڀوٽان جو دارالحڪومت ٿمبو ۽ سرڪاري زبان زونگکنا آهي۔ هن جو اتريون حصو اوڀر هماليه جي سبز ميدانن تي مشتمل آهي۔ جنهن ۾ گليشئرن جي چوٽين تائين انتهائي سرد آب هوا آهي۔ اتر ۾ اڪثر چوٽيون سطح سمنڊ کان 7 هزار ميٽر (23 هزار فٽ) کان به مٿي آهن۔ ڀوٽان جو بلند ترين مقام جنگخار پوئنسم 7570 ميٽر (24840 فٽ) تائين آهي۔ جيڪو دنيا جو بلند ترين غير چڙهڻ وارو جبل آهي۔ ملڪ جو سڀ کان هيٺون مقام 97 ميٽر (318 فٽ) تي آهي۔ ۽ درنگمي چو وادي ۾ آهي۔ جتي دريا ڀارت جي سرحد پار ڪري ٿو۔ هماليه جي دامن ۾ برف سان ڀريل دريائن مان وادين کي پاڻي ملي ٿو۔ جيڪي مال متاع لاء چراگاه مهيا ڪن ٿيون۔
ڀوٽان جو نالو ۽ تاريخ
ڪجھ مطابق ڀوٽان سنسڪرت جي لفظ ڀو۔ ات۔ ٿان مان ورتل آهي۔ جنهن جي معنيٰ مٿانهين زمين۔ ڪجھ ماڻهن مطابق هي لفظ ڀوت۔ ات (يعني تبت جو خاتمو) جي بگڙيل شڪل آهي۔ هتان جا باشندا ڀوٽان کي درڪ يو (يعني ڊريگن جو ملڪ) ۽ رهواسين کي درپڪا چون ٿا۔
17 صدي جي آخر ۾ ڀوٽان ۾ ٻڌ ماڻهن جي اڪثريت هئي۔ 1865ء ۾ برطانيه ۽ ڀوٽان جي وچ ۾ سنچل معاهدو ٿيو۔ جنهن تحت ڀوٽان جي سرحدي زمين جي ڪجھ حصي جي بدلي ۾ سالانه فنڊنگ ڪئي وئي۔ برطانوي اثر ڪري 1907ء ۾ اتي بادشاهي نظام جي تشڪيل ٿي۔ ٽن سالن بعد هڪ ٻيو معاهدو ٿيو۔ جنهن تحت برطانيه ڀوٽان جي اندروني معاملن ۾ دخل اندازي نه ڪرڻ تي راضي ٿيو۔ پر ڀوٽان جي خارجي پاليسي برطانيه طرفان طئي ڪئي ويندي۔ 1947ء کان بعد اهو ساڳيو ڪردار برطانيه طرفان ڀارت کي مليو۔ ٻن سالن بعد 1949ء جي معاهدي تحت ڀارت ڀوٽان کي اهي سڀئي زمينون واپس ڪيون جيڪي انگريزن جي قبضي ۾ هيون۔ ۽ ڀوٽان جي خارجه پاليسي ۽ دفاعي پاليسي ۾ ڀارت جو اهم ڪردار رهيو۔
0 Comments