Fort Rohtas Jehlam Punjab Pakistan
* قلعه روهتاس
شير شاه سوري جو قلعو روهتاس جرنيلي سڙڪ تي جهلم ۾ واقع قلعو جيڪو هاڻي کنڊرن ۾ تبديل ٿي رهيو آهي۔ جيڪو پوٽوهار ۽ ڪوهستان نمڪ جي علائقي جي وچ ۾ 948ھ ۾ مڪمل ٿيو۔ جنهن جي هڪ طرف ناله ڪس۔ ٻي طرف کان ناله گھان۔ ٽئي طرف کان گهريون کائيون ۽ گھاٽو جنگل آهي۔ شير شاه سوري اهو قلعو گکڙن جي سرڪوبي لاء تعمير ڪرايو هو۔ ڇو ته گکڙ مغلن کي ڪمڪ ۽ بروقت امداد ڏيندا هئا۔ جيڪو عمل شير شاه سوري کي پسند نه هو۔ ان قلعي جي سامهون شير شاه سوري جي ٺهرايل جرنيلي سڙڪ گزري ٿي۔ جيڪا هاڻي 5 ڪلوميٽر پري وڃي چڪي آهي۔ هي قلعو ننڍين سرن بجا وزني پٿرن سان تعمير ڪيو ويو آهي۔ قلعي جي اندر ۽ هر دروازي تي بزرگن جا مقبرا موجود آهن۔ هي قلعو 4 سؤ ايڪڙن تي محيط آهي۔ ڪجھ ڪتابن مطابق 4 ڪلوميٽر چؤرس بيان ڪيل آهي۔قلعي جا 12 دروازا آهن۔ جن جي تعمير جنگي حڪمت عملي کي مد نظر اکي ڪئي وئي آهي۔ انهن دروازن ۾ خواص دروازو۔ موري دروازو۔ شاه چانن والي دروازو۔ طلاقي دروازو۔ شيشي دروازو۔ لنگر خواني دروازو۔ بادشاهي دروازو۔ کٽيالي دروازو۔ سوهل دروازو۔ پيپل وارو دروازو۔ ۽ گڏهي وارو دروازو۔ هر دروازي جو پنهنجو مقصد هو۔ ۽ اهميت هئي۔ قلعه روهتاس جي فصيل تي 68 وڏا برج ۽ 184 ننڍيون برجون 6881 ڪنگرا 8556 ڏاڪڻيون آهن۔ قلعي جي اندر چند عمارتون هيون۔ جن ۾ شاه مسجد۔ چند وڏا کوه ۽ هڪ حويلي هئي۔ هاڻي قلعي جي اندر مڪمل شهر آباد آهي۔ چند دروازن۔ مغل شهنشاه اڪبر جي سهري راجا مان سنگھ جو محل ۽ وڏي ڦاهي گھاٽ کان علاوه قلعي جو بيشتر حصو کنڊرن ۾ تبديل ٿي ويو آهي۔ پهريان شير شاه سوري جي پٽ سليم شاه قلعي کان ٻاهر آبادي کي قلعي ۾ منتقل ٿيڻ جي اجازت ڏني هئي۔ ان ڳوٺ کي روهتاس ڳوٺ چيو وڃي ٿو۔
0 Comments